قومي وجود ۽ ڌرتيءَ تي حق حاڪميت خطري ۾ آهي: جسقم

قومي وجود ۽ ڌرتيءَ تي حق حاڪميت خطري ۾ آهي: جسقم

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ جسقم پاران سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه ملهائي وئي، تقريب ۾ جسقم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل عبدالفتاح چنا ۽ مقامي اڳواڻ محمد علي لغاريءَ سميت جسقم جي ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ عبدالفتاح چنا، محمد علي لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت سنگين سازشن ۾ ڦاٿل آهي، هڪڙي پاسي افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌي ماڻهن جو قومي وجود ۽ ڌرتيءَ تي حق حاڪميت خطري ۾ آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جون زمينون تين وال ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌو درياھ تي ڌاڙي جون سازشون پڻ زور وٺنديون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ آهي، تنهنڪري سنڌين کي سائين جي ايم سيد جي فڪر جو رستو وٺڻ گهرجي تہ جيئن سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورن سازشن جو هميشہ لاءِ خاتمو ڪري سگهجي.