| قومي وومينز فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو فيفا سيريز کيڏندي |
لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي وومينز فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو فيفا سيريز کيڏندي، 22 رڪني قومي وومينز فٽبال ٽيم اڄ آئيوري ڪوسٽ رواني ٿيندي. تفصيل موجب پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني موجب فيفا صدر جياني انفينيٽو سان ٿيل اهم ملاقات ۾ پاڪستان کي پهريون ڀيرو فيفا سيريز کيڏڻ جي دعوت ڏني وئي جنهن تحت قومي وومينيز ٽيم اڄ آئيوري ڪوسٽ رواني ٿيندي. قومي ٽيم ۾ زيانا جيوراج، نشا اشرف، آرزو هزارا، اسرا خان، عنايه احمد، انمول هير، ڪيلا صديقي، ڪريسا جيو راج، عاليه صادق ۽ ٻيون رانديگرياڻيون شامل آهن. فيفا سيريز 9 کان 16 اپريل تائين آئيوري ڪوسٽ ۾کيڏي ويندي جڏهن ته قومي ٽيم پهرين ميڇ ٽرڪس اينڊ ڪيڪوس آئي لينڊز سان کيڏندي.