| قومي وومين ڪرڪيٽر ايمن انور انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽر ايمن انور انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي موجب فاسٽ بالر ايمن انور فوري طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايمن انور 8 ون ڊي ۽ 37 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ايمن انور هاڻي ڪرڪيٽ ريفري طور فرض انجام ڏئي رهي آهي، ايمن انور ڪراچي ۾ جاري نيشنل وومينز انڊر 19 ٽورنامينٽ ۾ وومين ريفري طور ڊيبيو ڪيو، هن جنوري ۾ انڊڪشن ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪيو هو.