احمد آباد(پنهنجي ڊيسڪ) عالمي ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، قومي ٽيم جي نه بيٽنگ هلي نه بالر ٻوٽو ٻاري سگهيا
ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني
قومي ٽيم جا ٻئي اوپنر 41 رنز جي اوپننگ ڀائيواري جوڙي سگهيا، عبدالله شديق 20 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته امام الحق 36 رنز ٺاهي پويلين واپس موٽيو
ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان وچ۾ 82 رنز جي پارٽنرشپ قائم ٿي بابر ففٽي ٺاهي ۽ محمد رضوان 49 رنز تي آئوٽ ٿيا ته باقي بيٽر وڏي اننگ کيڏي نه سگهيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون
عبدالله شفيق 20، سعود شڪيل 6، افتخار احمد 4 ۽ شاداب 2 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو، محمد نواز 4، حسن علي 12 ۽ حارث رئوف 2 رنس رنس تي آئوٽ ٿيا، قومي ٽيم 43 هين اوور ۾ 191 رنز تي ڍير ٿي وئي
ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو، قومي ٽيم ڀارت کي وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي
جواب ۾ ڀارتي ٽيم3 وڪيٽون وڃائي گهربل هدف 31 هين اوور ۾ ئي مڪمل ڪري ورتو، ڪپتان روهيٽ شرما 86 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته شرياس آير 53 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، شبمن گل ۽ ويرات ڪوهلي 16-16 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا
قومي ٽيم طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 ۽ حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي، ڀارتي ڪپتان روهيت شرما کي شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو