قومي ٽيم جي ويسٽ انڊيز ۾ زبردست شروعات: بابر ۽ ازان جون سينچريون: سليڪٽ اليون خلاف ميچ ۾ 4 وڪيٽن تي 455 رنسون

قومي ٽيم جي ويسٽ انڊيز ۾ زبردست شروعات: بابر ۽ ازان جون سينچريون: سليڪٽ اليون خلاف ميچ ۾ 4 وڪيٽن تي 455 رنسون

ٽروبا (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم  ويسٽ انڊيز ۾ زبردست شروعات ڪندي ڪپتان  بابر اعظم ۽ ازان ويس جي شاندار سينچرين سبب ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون خلاف ميچ ۾ 4 وڪيٽن تي 455 رنسون ٺاهي ورتيون. تفصيل موجب قومي ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري جي شروعات ٽروبا ۾ ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون سان 4 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ ذريعي ڪري ڇڏي آهي.  ٽروبا ۾ 4 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي پهرين ڏينهن ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، امام الحق رڳو 10 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته نوجوان اوپنر بيٽر اذان اويس ۽ سينئر بيٽر شان مسعود جي وچ ۾ بهترين پارٽنرشپ قائم ٿي ٻنهي رانديگرن ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون جي بالرن کي خوب ڪٽڪو ڏنو. اوپنر اذان اويس شاندار سينچري اسڪور ڪئي هو  100 رنسون ٺاهي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو، جڏهن ته شان مسعود 70 رنسون ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيو، بعد ۾ ڪپتان بابر اعظم پڻ پنهنجي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽  100رنسون ٺاهڻ بعد رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو.  عبدالله فضل 50، سلمان آغا 46 ۽ محمد رضوان 44 رنسون ٺاهيون ،  پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين قومي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 455 رنسون ٺاهي ورتيون هيون جڏهن ته ويسٽ انڊيز سليڪٽ اليون طرفان ريان بانڊو 2 ، شليڊز ۽ ووريڪن هڪ هڪ وڪيٽون ورتيون