قومي ڪارڪنن خلاف ظلم برداشت ڪو نه ڪبو: قادر مگسي

جُون 29, 2025

ٺاروشاهه (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ کي اڏوھي جيان کاڌو پيو وڃي، پوليس کاتي کي ڪمدار بڻايو ويو آھي،  ڳوٺ بجاراڻي لغاري تي اڃا ڪاهون جاري آهن، شھيد ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن سان اڃان تائين ڏاڍ ۽ جبر ڪيو پيو وڃي، جيڪو ھرگز براشت نه ڪيو ويندو، اهڙو اظهار ڊاڪٽر قادر مگسي ٺاروشاهه ڀرسان ميڊيا سان ڳالهائندي ڪيو.

ڊاڪٽر قادر مگسـي ڀورٽي پهچي ۾ فوت ٿيل ستپ ضلعي اڳواڻ ممتاز ڀرٽ جي ڀاءُ  اصغر ڀرٽ سان تعزيت پڻ ڪئي

ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا روڊ رستا تعليمي ادارا صحت مرڪزن سميت سڀني کاتن ۾ سرعام رشوت جون بازارون قائم ڪري ڇڏيو آھن، ضلعي نوشھروفيروز ۾ بربريت قائم ڪئي وئي آهي. قومي ڪارڪنن خلاف اڻ اعلانيل آپريشن ڪيو پيو وڃي، هن صورتحال ۾ چپ ڪري ويھي نٿا سگھون.

 ان موقعي تي حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح،  ھوت خان گاڏھي، محمـد علي ابڙو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئاـ

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل