قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 1015سيٽن تي 28624 اميدوار: ڇنڊڇاڻ جاري: زرداري، خورشيد شاهه، بشير ميمڻ جا فارم منظور
ڊسمبر 26, 2023
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اليڪشن 2024 لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري، آصف زرداري، خورشيد شاهه، نثار کهڙو، بشير ميمڻ ۽ ٻين جا فارم منظور ٿي ويا، بلاول سامهون بيهندڙ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو فارم جي اسڪروٽني لاءِ اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ 30 ڊسمبر تائين جاري رهندي، نامزدگي فارم رد يا منظور ٿيڻ خلاف اپيلون 3 جنوري تائين داخل ڪري سگهبيون، اميدوار 12 جنوري تائين نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي سموري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 240 تان پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، اين اي 242 تان پ پ اڳواڻ عبدالقادر مندوخيل ۽ صوبائي تڪ تان بئرسٽر منظور خان جي نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 241 تي پ پ اميدوار مرزا اختيار بيگ کي ڏکڻ ضلعي جي رٽرننگ آفيسر اڄ سڏائي ورتو، اين اي 248 تان پ پ جي اڳواڻ فيضان راوت جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، اين اي 232 تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ آسيه اسحاق جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي جي عورتن واري مخصوص سيٽ جي اميدوار تنزيله قمبراڻي جا نامزدگي ڪاغذ به منظور ڪري ورتا، شازيه مري، سعديه جاويد، روبينا قائمخاني، ڪلثوم چانڊيو ۽ نزهت پٺاڻ جا نامزدگي ڪاغذ به درست قرار ڏنا ويا، جماعت اسلامي جي ڊاڪٽر عزيزه انجم ۽ مسفره جمال جا نامزدگي ڪاغذ به منظور ٿي ويا، جڏهن ته آصف علي زرداري نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207 تي پنهنجن نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني لاءِ آر او آفيس پهتو، آصف علي زرداري جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا. اهڙي ريت سکر جي قومي تڪ اين اي 201 تي خورشيد شاهه جو نامزدگي فارم منظور ٿي ويو، سندس پُٽ فرخ شاهه جو پي ايس 24 تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويو، سکر جي قومي تڪ اين اي 200 تي نعمان اسلام شيخ ۽ پي ٽي آءِ جي مبين جتوئي جو فارم به منظور ٿي ويو، ميرپور خاص جي قومي تڪ اين اي 211 تي سيد علي نواز شاهه، سندس پُٽ علي حسن، شجاع محمد ۽ رخسانه ڪوثر جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، پي ايس 46 سنڌڙي- شجاع آباد تي هري رام ڪشوري لال ۽ سندس پٽ ڪرن هري رام جا فارم منظور ٿي ويا، ڪوٽ غلام محمد جي صوبائي تڪ پي ايس 47 تي نور احمد ڀرڳڙي ۽ سندس پُٽ عدنان ڀرڳڙي جا نامزدگي فارم منظور ٿيا، ٽنڊو آدم جي صوبائي تڪ پي ايس 43 تي فراز ڏيرو، پارس ڏيرو، ايوب کوسو ۽ ٻين جا فارم منظور ٿيا، جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 160 تي ديدار حسين لاشاري جو فارم منظور ٿي ويو، اعجاز جکراڻي ۽ نگينا جي فارمز تي فيصلو نه ٿي سگهيو، پي ايس هڪ جيڪب آباد تي شير محمد مغيري، لياقت کوسو، رحمت الله کوسو۽ ديدار لاشاري جا فارم منظور ٿي ويا. لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تان جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جي نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني مڪمل نه ٿي سگهي، آر او جي يو آءِ اڳواڻ کي اڄ ٻيهر گهرائي ورتو، لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 ۽ ميرو خان جي صوبائي تڪ پي ايس 15 تان پ پ سنڌ جي نثار کهڙو جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، مٽياري جي قومي تڪ اين اي 216 تان نون ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 57 تان مخدوم فخرالزمان ۽ مخدوم رفيق الزمان جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، شڪارپور جي قومي تڪ اين اي 192 تان شبير بجاراڻي جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويو، قومي تڪ 193 شڪارپور تان شهر يار مهر، صوبائي تڪ پي ايس 7 تان امتياز شيخ ۽ پي ايس 8 تان عارف مهر جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا، ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 ۽ صوبائي تڪ 76 ساڪرو تان پ پ اڳواڻ سسئي پليجو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، سسئي پليجو جي ڀاءُ سرمد پليجو جا به قومي تڪ اين اي 225، صوبائي تڪن پي ايس 75 ۽ 76 تان نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، ٺٽي ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 تان پيپلزپارٽي جي اميدوار حاجي علي حسن زرداري ۽ سندس پٽ عاشق علي جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 75 ون تان رياض شاهه شيرازي ۽ سندس ڪورنگ اميدوارن تنوير شاهه ۽ امتياز شاهه شيرازي جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، سجاول جي صوبائي تڪ پي ايس 74 تي پ پ جي محمد علي ملڪاڻي ۽ حاجي شوڪت علي ملڪاڻي جا نامزگي فارم منظور ٿي ويا. گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تان پ پ جي علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ حاجي خان مهر جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا، گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 19 تان اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، قمبر جي قومي تڪ اين اي 197 تان پ پ اڳواڻ عامر مگسي جا نامزدگي فارم منظور، پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو جا به قمبر جي قومي تڪ اين اي 197 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 16 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، قمبر جي قومي تڪ اين اي 197 تي پ پ شهيد ڀٽو جي اميدوار فرحانه چانڊيو جا نامزدگي ڪاغذ به منظور ٿيا، خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 29 تان پ پ جي شيراز شوڪت راڄپر جا نامزدگي فارم منظور، ساڳئي تڪ تان جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ جا نامزدگي فارم به منظور ٿيا جڏهن ته ٿر جي صوبائي تڪ پي ايس 55 ڏيپلو تي پ پ اڳواڻ ارباب لطف الله، ارباب امان الله، ارباب انعام الله ۽ ارباب عالم جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا آهن.
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ ملڪ اندر جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، سڄي ملڪ اندر قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلن۾ جنرل، عورتن ۽ اقليتي جي ڪل 1015 سيٽن تي 28624 فارم جمع ڪرايا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ڪل جنرل 859سيٽن تي 26289 فارم جمع ڪرايا ويا، عورتن جي 192سيٽن تي 1824 فارم جمع ڪرايا ويا، اقليتن جي 34 سيٽن تي 543 اميدوارن فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ڪل 266 سيٽن تي 7713 اميدوارن فارم جمع ڪرايا، قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان جي 16 سيٽن تي 631، پنجاب جي 141 سيٽن تي 3871، ڪي پي جي 45سيٽن تي 1322، سنڌ جي 61سيٽن تي 1681 اميدوارن فارم جمع ڪرايا، اسلام آباد جي 3 جنرل سيٽن تي 208 فارم جمع ڪرايا ويا. جڏهن ته صوبائي اسيمبلين ۾ پنجاب اسيمبلي جي ڪل جنرل سيٽن 297 تي 9029 فارم جمع، بلوچستان جي ڪل جنرل سيٽن 51 تي 1788، ڪي پي جي جنرل سيٽن 115 تي 3464، سنڌ اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن تي 4262 فارم جمع ٿيا. قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن 60 تي 459 ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي 29مخصوص سيٽن تي 309 فارم جمع ڪرايا ويا، پنجاب اسيمبلي ۾ 66 سيٽن تي 601، ڪي پي اسيمبلي ۾ 26 عورتن جي سيٽن تي 321، بلوچستان جي 11 عورتن جي سيٽن تي 134 فارم جمع ٿيا، اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن لاءِ 7913 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. جن ۾ 471 عورتون به شامل آھن. صوبائي اسيمبلي جي جنرل سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 18 ھزار 546 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. پنجاب مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ مجموعي طور تي 13 ھزار 823، سنڌ مان 6 ھزار 948، ڪي پي ڪي مان 5 ھزار 278، بلوچستان مان 2 ھزار 669 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي ٽن جنرل سيٽن ۽ مخصوص سيٽن لاءِ 358 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا. قومي اسيمبليءَ ۾ عورتن مخصوص سيٽن جي لاءِ 1365 نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا. چئني صوبائي اسميبلين ۾اقليتن جي مخصوص سيٽن تي 393 جڏھن ته قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ 150 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.