ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن، وڪيلن ۽ صحافين ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ جا قدرتي وسيلا نيلام ڪرڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو
ڪالهه جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني هيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل قومي ڪانفرنس کي رياض چانڊيو، صفدر عباسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قانوندان شفيق موسوي، محمد خان شيخ، جهانگير راهوجو، حيدر شاهاڻي، منير حيدر شاهه، اسلم خيرپوري، الاهي بخش بڪڪ، مظهر راهوجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن زبردستي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي اربين رپيا خرچ ڪرائي ڇڏيا
سندن چوڻ هو ته 2017ع ۾ سنڌ جي ٽوٽل آدمشماري چار ڪروڙ 78لک 54هزار، 510 ۽ ڪراچي شهر جي آبادي رڳو هڪ ڪروڙ سٺ لک 24 هزار 894 هئي، موجوده ڊجيٽل آدمشماري ۾ آبادي ۾ تيز ترين واڌ رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ ٿي آهي، ڪراچي اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن ۾ آبادي ۾ وڏو اضافو ڏيکاريو ويو آهي
هنن چيو ته ڪراچي ۾ مڊل ڪلاس ماڻهن جي گهڻائي آهي، هتي شهري فيملي پلاننگ پڻ ڪندا آهن، انهي باوجود ڪراچي جي آبادي وڌائي وئي آهي، 2 سال اڳ ڪراچي ۾ 80 لک ووٽ هئا، 2023ع ۾ ٺهيل ووٽر لسٽن ۾ ڪراچي ۾ ووٽرن جو انگ گهٽجي 75 لک تي پهتو آهي، اهڙي صورت ۾ آبادي ۾ ڏيکاريل واڌ کليل ڌانڌلي آهي
هنن چيو ته بااختيار ڌريون ڌرتي ڌڻين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون، تازي آدمشماري جي نتيجي ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون سيٽون رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ وڌيون ۽ باقي 23 ضلعن ۾ گهٽيون آهن
اڳواڻن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 40 لک کان مٿي غير ملڪي آباد ٿي چڪا آهن جيڪي سنڌ جي معيشت ۽ امن امان لاءِ مسئلو بڻيل آهن سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي
سندن چوڻ هو ته سنڌ ملڪ کي 62 سيڪڙو کان وڌيڪ اپت ڏئي ٿي، تيل، گئس، ڪوئلي سميت سنڌ جي معدني وسيلن مان ملڪ جون 79سيڪڙو ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، ملڪ جو 90 سيڪڙو وڻج واپار سنڌ جي ٻن بندرگاهن ۽ روڊن ذريعي ٿئي ٿو، انهي باوجود سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي
هنن چيو ته 1945 جي پاڻي ٺاهه جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مٿان 91ع وارو پاڻي ٺاھ مڙهيو ويو، جنهن تي پنجاب حڪومت عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پي ڊي ايم سرڪار جڙتو ۽ ٻه نمبري قانونسازي ذريعي بنيادي انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي سميت بنيادي ترقي جون سڀ راهون بند ڪيون آهن
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حق حاڪميت ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي