قومپرستيءَ جو نظريو ۽ وطن دوستيءَ جو سوال

آگسٽ 8, 2023

 وطن دوستي يا حب الوطني جو موضوع مغربي ميڊيا ۾ انهن ڏينهن کان چوٽ چڙهيل آهي، جڏهن کان آمريڪا ۾ سابق صدر ٽرمپ جي اليڪشن  مهم هلي هئي. پنهنجي اليڪشن مهم ۾ هُن آمريڪا کي ٻيهر عظيم بنائڻ جو واعدو ڪيو هو. ٽرمپ روايتي آمريڪي سياست کان هٽي ڪري اڪثريتي سفيد فام عوام، خاص ڪري ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي، ملڪ ۾ موجود اقليتن جي خلاف بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ان مقصد ۾ ڪامياب به ٿي ويو هو. هُن معاشي مسئلن جو ذميوار سرمائيداري ۽ ان سان جڙيل نيو لبرل ازم واري نظام کي چوڻ جي بجاءِ چين، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن ۽ قومن کي قرار ڏنو هو.

                 آمريڪا ۾ اهو موضوع ميڊيا جي زينت بڻيل ئي هو ته برطانيا يورپي يونين کان علحدگي جي گهر ڪري ڇڏي هئي، جنهن ان بحث  ۾وڌيڪ توانائي وجهي ڇڏي هئي. يورپ جون باقي قومون به ان وهڪري ۾ شامل ٿي رهيون آهن. اٽلي ۾ فاشسٽ پارٽي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ پهريون ڀيرو اليڪشن کٽي اقتدار سنڀاليو آهي. جرمني ۾ پڻ اها هوا گُهلي رهي آهي.

اهڙِي ماحول ۾ فرينچ وري ڪيئن پوئتي رهي سگهن ٿا؟ انهن وٽ وطن دوستي جو سوال سياست ۾ شامل ٿي ويو آهي. يوڪرين جي تضاد ۾ ٻئي ڌريون وطن دوستي جي جنگ وڙهي رهيون آهي. روسي چون ٿا ته اسان بي قصور آهيون ۽ اسان تي آمريڪي سربراهي ۾ نيٽو جارحيت ڪئي ۽ اسان پنهنجي بقا جي جنگ پيا وڙهي رهيا آهيون. روس جي مخالف ڌر ۾ شامل يوڪرين ۽ ٻيون مغربي قومون اهو سمجهن ٿيون ته روسي سامراج توسيع چاهي ٿو ۽ هو پراڻن ڪميونسٽن جيئن روس کي واپس سوويت يونين بنائڻ جي چڪر ۾ مظلوم يوڪرين تي حملي آور ٿيو آهي. اسپين جو ڪيٽولينيا (جنهن ۾بارسَلونا ۽ ٻيا ڏاکڻيان علائقا شامل آهن) تن جي وطن دوستي پنهنجي عروج تي آهي، جتي جي پارليامينٽ اسپين کان علحدگي جو مطالبو به ڪري چڪي آهي.

ايشيا ۾ چين ۽ انڊيا جون حڪمران پارٽيون پنهنجي پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ وطن دوستي جي نعري کي استعمال  ڪري رهيون آهن. آمريڪا ۽ چين ۾ وڌندڙ ٽڪراءُ، آمريڪي پابندين ۽ تائيوان کي واپس چين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ وطن دوستي جو جذبو منطقي لڳي ٿو. جيئن جيئن ٻنهي عالمي طاقتن ۾ ڪشمڪش وڌندي رهندي، اوترو ئي وري چين ۾ وطن دوستي زور پڪڙيندي رهندي.

چين جي مقابلي ۾ انڊيا ۾ مودي جي ڪاميابين، هندو قومپرستي جي قبوليت، مهاڀارت ٺاهڻ جي شوق خطي ۾ وطن دوستي جي موضوع ۾ نواڻ آندي آهي، جتي مودي ٽرمپ جيئن انڊيا کي عظيم بنائڻ جي مهم تي نڪتل آهي ۽ پنهنجي حمايت کي وڌائڻ جي لاءِ انڊين عوام جي اندر هندو- مسلم تضاد کي هوا ڏئي رهيو آهي، جنهن سان اسان جي سياست تي به اثر پوڻ جو امڪان آهي.

وطن دوستي جو تصور ڪافي پراڻو آهي. پنج سئو سال قبل مسيح ۾ يونان جي رياست اسپارٽا پهرين ايرانين جي خلاف ۽ پوءِ پنهنجي پاڙيسري رياست اٿينز جي سامراجيت قبول ڪرڻ جي بجاءِ جنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏني هئي ۽ مرشد ڀٽائيءَ جي بيت “اهي به انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا” جي حقيقي معنيٰ ۾ لڄ رکي هئي. اسپارٽا جي سماج ۾ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ جنگ وڙهڻ ۽ قرباني ڏيڻ وڏي فخر جي ڳالهه هئي.

انهن وٽ ڪوبه ماڻهو لافاني ڪونه هو، سواءِ ان جي، جيڪو قوم جي لاءِ جان ڏي. شهادت کان پوءِ هو ديوتا جو درجو ماڻيندو هو. اهوئي سبب هو جو باوجود ٽيڪنالاجي ۽ فوجي صلاحيت ۾ پوئتي هئڻ جي، انهن پاڻ کان تمام وڏي طاقت اٿينز، جيڪا ان وقت اڄ جي آمريڪا جيئن هئي، کي شڪست ڏني هئي. ان شڪست ڪارل مارڪس جي تاريخي ماديت کي غلط ثابت ڪيو هو ۽ بعد ۾ مارڪس کي پڻ پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو هو ۽ هُن تاريخي ماديت جي فلسفي ۾ پيداوار جي ذريعن جي بدران پيداواري رشتن کي اهم قرار ڏنو هو. ڪنهن قوم جي لاءِ ماڻهن جا پاڻ ۾ رشتا “هڪ پيج” تي هئڻ ضروري آهن. اسپارٽا ۾ راجا (جنهن جي معنيٰ پيءُ آهي) جو تصور موروثي نه هو. ماڻهو پنهنجي صلاح مصلحت سان راجا کي هٽائي به سگهندا هئا.

جنگ وڙهڻ يا نه وڙهڻ جو فيصلو سڀ ماڻهو گڏجي ڪندا هئا. هو پئسي، پگهار ۽ لالچ  ۾ جنگ نه وڙهندا هئا پر پنهنجي عزت، غيرت ۽ لڄ جي لاءِ جنگ ڪندا هئا. انهن جو سماج اڄ به ماڻهن جي وطن دوستيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿو. ڪنهن سياح انهن ڏينهن ۾ اسپارٽا جي راجا کان پڇيو ته، “توهان وٽ تمام سٺي ۽ گهڻي زمين آهي، پوءِ توهان کيتي ٻاڙي ڇو نه ٿا ڪريو”. راجا جو جواب مزيدار هو ته، “جيڪڏهن اسان کيتي ٻاڙي ڪنداسين ته پوءِ جنگ ڪير وڙهندو؟”. وطن سان پيار، قوم سان پيار، سرمائي سان پيار، مزدور سان پيار جا تصور مختلف نظرين ۾ مختلف اندازن سان پيش ڪيا ويا آهي ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي اختلاف رهيو آهي ۽ شايد اهو ويجهڙ ۾ ختم به نه ٿئي.

پيار عمومي طور روحاني آهي، جنهن ۾ جذبات، رقابت ۽ ٻيا احساس حاوي رهندا آهن. پيار ۾ ۽ عقل ۽ علم جي اهميت ثانوي هوندي آهي. شايد اهو سبب هو جو يوناني ٻوليءَ ۾ پيار جي لاءِ ست الگ لفظ آهن. جنسي پيار، دولت جو پيار، ماءَ جو پيار، ڀاءُ جو پيار، خدا جو پيار وغيره جي لاءِ الڳ الڳ لفظ آهن. ملڪيت سان پيار کي پريگما، جنسي پيار کي ايروس، خدا جي پيار کي اگاپا، ڀاءُ ڀيڻ  جي پيار کي فلي چوندا آهن، جنهن مان فلاسافي (ڏاهپ سان پيار) نڪتو آهي. منهنجي خيال ۾حب الوطني ۽ قوم پرستي ۾فرق رکڻ گهرجي. ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ تاريخي، سماجي، سياسي ۽ معاشي سبب شامل آهن. تاريخي سببن ۾ مٿئين پيراگراف ۾ اسپارٽا جو ذڪر ڪيو آهي.

قوم جو موجوده تصور سياسي آهي، جيڪو فرينچ انقلاب کان پوءِ يورپ ۾ اڀريو هو، جنهن ۾ قوم سان گڏ قومي رياست به جوڙي وئي هئي. فرانس جي انقلاب کان پوءِ جرمن قبيلن پنهنجي اندر تضادن کي ختم ڪري جرمن قوم جو تصور ڏنو هو. قومپرستي جو عروج ارڙهين صديءَ جي سرمائيدارن جي ضرورت هو.

ڇا وطن دوستي حڪمران اشرافيه جو هٿيار آهي، جنهن کي استعمال ڪري هو غريب عوام تي حڪمراني ڪن ٿا؟ اهو دليل موجوده  مغربي ترقي پسند ۽ روشن خيال لبرل ڏين ٿا. ان سوچ ۾ ڪميونسٽ پنهنجي مخالف سرمائيدار ترقي پسندن سان هم خيال آهن. اهي ٻئي نظريا عالميت پسند آهن. انهن جو هڪ دليل غور طلب آهي ته جتي سياسي آزادي گهٽ هوندي آهي، اتي جي حڪمران اشرافيه حب الوطني تي زور ڏيندي آهي. لبرل ازم جي اڪثر دانشورن جي خيال ۾ حب الوطني اشرافيه جو هٿيار آهي، جنهن کي استعمال ڪري هو حڪمراني ڪن ٿا.

منهنجي خيال ۾ وطن دوستي جي سوال کي سٺي يا خراب جي پيرائي ۾ ڏسڻ جي بجاءِ جدلياتي عمل طور سمجهڻ گهرجي. بنيادي طور ڪابه شئي سٺي يا خراب نه آهي پر ان جو استعمال ان کي سٺو يا خراب ڪري ٿو. مثال طور، ڪاتي ضروري شئي آهي ۽ اها رڌ پچاءُ ۾ وڏو ڪم ڪري ٿي ۽ پنهنجي دفاع ۾ به آزمائي سگهجي ٿي پر جيڪڏهن ڪو ڏاڍو ان سان ڪنهن جي سسي ڪٽي ته پوءِ اها خراب آهي. وطن دوستي هر علائقي ۽ قوم ۾ پنهنجي پنهنجي معروضي حالتن جي اثر ۾ هوندي آهي.

مظلوم جي حب الوطني،  ظالم جي سوچ کان هٽيل هوندي آهي ۽ ٻنهي کي الڳ سمجهڻ گهرجي. نازي جرمني وطن دوستي کي پنهنجي سامراجيت ۽ سرمائيدارنه تسلط جي لاءِ استعمال ڪيو هو. پر ان جي بدلي ۾ ٻنهي عالمي جنگين ۾ روسين وطن دوستي کي ڌارين جي حملن جي مقابلي جي لاءِ استعمال ڪيو هو.

Leave A Comment