لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ 40 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مختلف قومپرست جماعتن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي
قومپرست جماعتن سان واسطو رکندڙ نارائڻ داس، خالد، زاهد، انور علي، رياض علي، فياض علي پنهنجي 40 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي پريس ڪانفرنس ڪئي
هنن چيو ته قومپرست جماعتن سنڌ جي حقن جو نعرو هڻي سنڌ جي سادن ماڻهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي نوجوانن کي تخريبي ڪاروائين لاءِ استعمال ڪندا آهن، انهن تنظيمن ۾ رهي ڪري اسان کي خواري، شرمندگي ۽ وقت جي ضايع کان سواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو
هنن چيو ته اڄ اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، سمورن نوجوانن کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجو سڄو ڌيان تعليم تي ڏئي پاڪستان لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ ڪنهن به لسانيت يا قوميت جي سازش جو حصو نه بڻجن، اسان سڀ هڪ قوم ۽ پاڪستاني آهيون
هنن چيو ته اڄ کان پوءِ اسان جو ڪنهن به قومپرست تنطيم سان ڪنهن به قسم جو ڪو به واسطو نه هوندو اسان جي سموري طاقت ۽ زندگي پاڪستان جي لاءِ آهي، ان موقعي تي نوجوانن پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج پائنده باد جا نعرا به هنيا