قومپرست پارٽين جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، ڪاروبار بند، سيڪيورٽي الرٽ

مَي 26, 2025

ڪراچي(نمائندن وٽان) موري واقعي جي شهيد عرفان لغاري جي قتل خلاف قومپرست جماعتن جي هڙتال واري سڏ کانپوءِ ڪوٽڙي ۾ جيئي سنڌ جي جماعتن جي گڏيل اتحاد جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽيءَ طرفان اعلانيل هڙتال واري سڏ کي ڪوٽڙي واسين پڻ ڀرپور موٽ ڏني، شهر جي لياقت روڊ، المدينا چونڪ، شاهي بازار، عيدگاھ روڊ، لطيف چونڪ ۽ سائيٽ ۾ بِهار ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني، خانزادا ڪالوني، ڦاٽڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو، هڙتال دوران انتظاميا طرفان سيڪيورٽي سخت ڪري شهر جي اهم هنڌن تي پوليس جا اٽالا مقرر ڪيا ويا. ميهڙ ۾ ايس يو پي پاران شهيد عرفان علي لغاري جي غائبانه جنازه نماز ادا ڪئي وئي ايس يو پي ضلع صدر سڪندر سوڍر ، حبيب حضوري مجيد سوڍر ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي جنازه نماز بعد شھيد عرفان لغاري لاء مغفرت جي دعا پڻ گھري وئي، راڄوخاناڻي ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ننڍيون وڏيون بازارونشاهي بازار، سوائي چوڪ، واپڊا چوڪ، سلطاني واھ چوڪ، مين ٿاڻو بازار مارڪيٽ سميت ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، سيوھڻ ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري شاھي بازار، اسٽيشن روڊ، پراڻو بس اسٽاپ ۽ درگاهه قلندر سان لاڳاپيل ٻيون بازارون پڻ بند آرهيا. ڪٿي ڪٿي جزوي ھڙتال جو پڻ رهي، جڏهن ته جسقم بشير خان قريشي گروپ جي ڪارڪنن ڪامريڊ اڪبر ملاح، شاھد ھاليپوٽو ۽ نثار سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڳاڙھا جھنڊا ھٿ ۾ کڻي ڌمال چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪڙيي گهنور ۾  شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ رهبر ڪاميٽي جي اڳواڻن آصف نظاماڻي ، شڪيل ، حيدر راهمون ، عباس ، ۽ ٻينجي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. کورواھ جسقم يونٽ کورواهه  جي طرفان پرويز مير ڪامريڊ وڪيو ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري شٽربند هڙتال ڪرائي وئي، ميرپوربٺورو ۾ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن يوسف ڪنڀار، قادر بخش زئور، نعمان شورو، فاضل خاصخيلي، وقار ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ۽ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. بدين، ضلع جي پنجن ئي تعلقن سميت بدين شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي شھباز روڊ غريب اباد سونارا بازار شاھنواز چوڪ مڪمل بند رهيا. جسقم ڪارڪنن طرفان جھنڊا ھٿن ۾ کڻي موٽر سائيڪل تي شهر جو گشت ڪري شهرين کي دڪانن بند رکڻ جي اپيل ڪئي وئي. شھرين سھڪار ڪندي پنھنجو ڪاروبار بند رکيو، ٺٽي ۾ به هڙتال جي سڏ تي ڪاروباري مرڪزن سان گڏ پئٽرول پمپ بند رهيا جڏهن ته هڙتال سبب سموري ڪارباري مرڪزن جي بند رهڻ ڪري شهر ۾ ماڻهن جي آمدرفت گھٽ رهي هوڏانهن هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پڻ ڪارڪن شهر ۾ گشت ڪندا رهيا. ٽنڊي باگو ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال سبب شھر جون بازارون ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، تلھار شٽر بند ھڙتال تي ڪالهه صبح کان ئي پوليس جا اٽالا شھر ۾ پھچي ويا مختلف چوڪن تي پوليس اھلڪار ھائي الرٽ ٿي زبردستي  دڪان کولارائڻ شروع ڪري ڇڏيا جنھن کان پوء شھر جا  دڪان پوليس پنھنجي زور تي کولائڻ ۾ ڪامياب وئي جڏھن ته ڪافي جڳهين  تي شھرين م مورو واقعي جي سوڳ ۾ قومي ڪارڪنن جي سڏ تي پنھنجو ڪاروبارو جزوي بند رکيو ،  سجاول ۾ به ٻين شهرن جيان شٽربند هڙتال ڪئي وئي. سجاول جا تمام ڪاروباري مرڪز صبح کان منجھند 12 بجي تائين بند رھيا. خيرپور ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب ڪاروباري مرڪز پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، حيدري بازار، شاهي بازار، ايوب بازار، لقمان بند رهيا، راڻيپور ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته قومپرستن پاران کير بازار کان ريلي ڪڊي وئي، دولتپور صفن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، محرابپور ۾ شٽر بند هڙتل بعد ڪامريڊ شهاب ميمڻ، ضمير ميمڻ، سرواڻ جوکيو، احسان موجائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ هڙتال رهي، شهر جا ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا،  ٽنڊو آدم ۾ مڪمل طور شٽربند بند ھڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب شھر جا مک ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز بند رهيا، دريا خان مري ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ڀرياروڊ ۾ شٽربند هڙتال ڪري سمورا ڪاروبار بند رکيا ويا، جڏهن ته بيگ محمد لھراڻي، ذوالقرنين پٺاڻ، عامر لھراڻي، مختيار چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،  سڪرنڊ ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي، حسين چانڊيو، قدير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،

اوٻاوڙو ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ۽ زمير شر، اصغرسنڌي، آصف فاروقي ۽ مجيد جوڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، گمبٽ ۾ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته ذاڪر عالماڻي، علي ڏنو اڄڻ، زاهد شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  فيض گنج ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري شاز خادم شر، عطا حسين شر، امتياز شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، سامارو ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻئي طرف جسقم جي اڳواڻن جميل احمد ڌونڪائي، صاحب خان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي ۽ جسقم  جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، نصيرآباد ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي طرفان شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن امجد سنڌي، غلام نبي منگي، مانجھي چنه ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم بشير خان جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي ھڙتال جي ڪاميابي تي سنڌين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته نهايت مختصر وقت واري سڏ تي هڙتال جي هن زبردست ڪاميابي جو مطلب آهي ته سنڌين پ پ جي ڏاڍ ۽ جبر کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شهيد عرفان لغاري جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ بجاءِ پوليس پاران ان جي ڳجهه ڳوھ ۾ تدفين ڪرڻ ناانصافي ۽ فاشزم جي بدترين شڪل آهي. جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پوليس جي هن عمل سان ناانصافي جي نئين تاريخ رقم ڪئي وئي آهي، جيڪو عمل پ پ حڪومت مٿان تاريخ ۾ ڪارو داغ ٿي رهڻو آهي. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران شهيد عرفان جي روح جي ايصال ثواب لاءِ اڄ سومر ڏينهن غائبانا جنازي نمازون ادا ڪيون وينديون. سڀني قومي ڪارڪنن کي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شهيد عرفان لغاري جون غائبانا جنازي نمازون  ادا ڪيون وڃن. ھنن ھڙتال جي ڪاميابي تي سنڌين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي تہ نهايت مختصر وقت واري سڏ تي هڙتال جي هن زبردست ڪاميابي جو مطلب آهي ته سنڌين پ پ جي ڏاڍ ۽ جبر کي رد ڪري ڇڏيو آهي. موري ۾ پرامن ماڻهن مٿان سڌي فائرنگ آمريتي دؤر جي ياد ڏياري ڇڏي آهي. سنڌ اهڙي ظلم ۽ ڏاڍ کي ڪڏهن ٻہ قبول ڪانہ ڪندي. حڪومت هڙتال کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ايف آئي آرون داخل ڪيون آهن. پر حڪومت کي ناڪامي نصيب ٿي آهي. پ پ حڪومت جي جبر خلاف اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون. هنن چيو ته حڪومت هڙتال کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ايف آئي آرون داخل ڪيون آهن. پر حڪومت کي ناڪامي نصيب ٿي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب