قوم انصاف جي ايوان کي تحريڪ انصاف جو ايوان بڻجڻ کان روڪي: مريم نواز

اپريل 1, 2023

لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جن تي پنهنجا اعتماد نه ٿا ڪن، انهن جي فيصلي جي نه قانوني حيثيت هوندي ۽ نه اخلاقي حيثيت هوندي. سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته سهولتڪارن پاران انصاف جي ايوان کي تحريڪ انصاف جو ايوان بڻائڻ کان روڪڻ قوم جي ذميواري آهي، ون مين شو تباهي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته هو جسٽس مندوخيل جي دعائن ۾ شريڪ آهيون ته الله تعاليٰ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تي رحم ڪري.