| قيامت ٿي اچي: وينزويلا ۾ زلزلي بعد آسمان ڳاڙهو ٿي ويو |
ڪراڪاس (م ڊ) وينزويلا جي گادي واري هنڌ ڪاراڪاس سميت مختلف علائقن ۾ آسمان اوچتو ڳاڙهو ۽ نارنگي ٿي ويو، وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون. هن غير معمولي نظاري شهرين ۾ خوف، تجسس ۽ مختلف قياس آرائيون پيدا ڪيون. بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اهو واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيو جڏهن وينزويلا تازي زلزلي کان پوءِ بحالي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي. آسمان جو ڳاڙهو رنگ ڏسي، ڪجهه ماڻهن ان کي هڪ نئين آفت يا قيامت جي نشاني قرار ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ حيرت جو اظهار ڪندا رهيا. ماهرن عوامي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته هي هڪ قدرتي فضائي رجحان آهي، جنهن کي مقامي طور تي ڪينڊيلازو سڏيو ويندو آهي. سج لهڻ وقت، سج جي روشني فضا ۾ مٽي، نفيس ذرڙن ۽ صحارا ريگستان جي مٽي مان گذري ٿي، جنهن جي ڪري ڳاڙها ۽ نارنگي رنگ جا شعاع وڌيڪ نمايان ٿي وڃن ٿا. هن عمل کي سائنسي ٻولي ۾ ريلي اسڪيٽرنگ چيو ويندو آهي. ماهرن وڌيڪ چيو ته هن ڳاڙهي آسمان ۽ تازي زلزلي جي وچ ۾ ڪو به سڌو سائنسي تعلق ناهي.