محمد آصف جهڙو بالر زندگي ۾ ناهي ڏٺو: رومان رئيس

جُون 4, 2023

لاهور( اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر رومان رئيس اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد آصف کي جادوگر بالر قرار ڏيندي چيو آهي ته آصف جهڙو بالر ورلي ئي ايندو آهي

رومان رئيس هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته ڪرڪيٽ جي دنيا جو محمد آصف تمام سٺو بالر رهيو جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪريان ايتري گهٽ آهي

هن چيو ته محمد آصف جي مهارت کي دنيا جي هر بهترين بيٽسمين مڃو آهي هن جو ايڪشن گهڻو سولو هو ائين محسوس ئي نه ٿيندو هو ته آصف جي بالنگ ڪنهن لاءِ ڪا گهڻي ڏکيائي پيدا نه ڪندي پر بيٽسمين پريشان ٿي ويندو هو

رومان رئيس چيو ته محمد آصف اهڙو بالر هو جنهن کي آملا، پيٽرسن، ڊي ويليئرز ۽ گريم جهڙن بيٽسمينز ۾ بهترين بالر قرار ڏنو هو

Leave A Comment