نيويارڪ ( اسپورٽس نيوز) ڊبليو ڊبليو ايف جي ريسلر اوماگا جي پٽ زيلا فاتو اسلام قبول ڪري ورتو، هن جو چوڻ آهي ته مون کي سڪون ملي ويو
يوٽيوب جي وڊيو ۾ ريسلر اوماگا جي پٽ اسلام قبول ڪيو، هن مذهب تبديلي کي خوبصورت سفر قرار ڏئي ڇڏيو
زيلا جو چوڻ هو ته مان جيل ۾ مسلمان قيدين جي زندگي مان متاثر ٿيس، هنن سان گذاريل وقت مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
مشهور ريسلر جي پٽ جو چوڻ هو ته مذهب جي تبديلي منهنجي زندگي جو خوبصورت سفر آهي جنهن مان گهڻو مطمئن آهيان
آمريڪي رياست ٽڪساس ۾ ڌاڙي جي الزام هيٺ زيلا کي 6 ورهيه قيد جي سزا ملي هئي جنهن ۾ هن جيل ڪاٽيو جتي هن کي مسلمان قيدين جي زندگي گهڻو متاثر ڪيو