قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ناهي ته شريف الله ڪيئن آمريڪا حوالي ڪيو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
مارچ 8, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحتيابي ۽ وطن واپسي جي درخواست اڪلائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحتيابي ۽ وطن واپسي جي درخواست تي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عمران شفيق ۽ ايڊيشنل اٽارني منور دوگل عدالت آڏو پيش ٿيا. ڊاڪٽر فوزيه صديقي ۽ وڪيل ڪلائيو سمٿ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ڪاروائي جو حصو ٿيو، ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي درخواست فوري اڪلائڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت اٽارني جنرل کي چيو ته ڇا حال آهي، گرفتار ٿيندڙ ڪمانڊر داعش شريف الله کي آمريڪا حوالي ڪيئن ڪيو ويو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان چوندا آهيو ته آمريڪا سان قيدين جي مٽا سٽا وارو ڪو معاهدو ناهي ته اوهان بغير ڪنهن معاهدي جي ماڻهو پڪڙي آمريڪا حوالي ڪيئن ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي آمريڪا حوالگي متعلق اوهان کي ان ڪئميرا آگاهه ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو. ٻه ڊڪليئريشنز آيون، حڪومت کي جواب جو چيو ويو پر حڪومت پاران غير تسلي بخش جواب ڏنو ويو. هاڻي حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي درخواست کي اڪلائڻ جو چئي رهي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب ڇا اوهان اهو چئي رھيا آهيو ته اسان هن ڪيس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. وزير اعظم کي خط ٻيو لکي ڇڏيو، ان کي ويزا گهرجي پيو ڏئي ڇڏيو. اوهان کي جيڪو ڪرڻو هيو ڪري ڇڏيو. اهڙو رويو اختيار ڪرڻ سان پوري دنيا کي پتو پوندو آهي ته پاڪستاني حڪومت ڪهڙا تير هنيا آهن. اٽارني جنرل آفيس کي چيو هو ته حڪومت کي تجويز ڏيو ۽ عدالت کي به انهن تجويزن کان آگاهه ڪريو. پر اڄ اوهان ڪيس ختم ڪرڻ جو چئي رهيا آهيو. عدالت ڪيس کي اڪلائڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ جمع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.