قيدي جي موت بابت ٻڌڻي: علي بخش خودڪشي ڪئي (ايس ايچ او) نه قتل ڪيو ويو: وڪيل

قيدي جي موت بابت ٻڌڻي: علي بخش خودڪشي ڪئي (ايس ايچ او) نه قتل ڪيو ويو: وڪيل

ٺٽو (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽي ۾ فوت ٿي ويل سجاول واسي قيدي علي بخش ملاح جي موت واري مامري تي جاويد ميربحر پاران پنھنجي وڪيل قربان ھالو جي معرفت جيل انتظاميه خلاف قيدي جي قتل جو ڪيس سيشن ڪورٽ ٺٽي م 22 اي جي داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي تي سيشن ڪورٽ ٺٽي ۾ ايس ايچ او مڪلي الھوسايو نھڙيو پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته قيدي علي بخش ملاح خودڪشي ڪئي آھي، جڏھن ته حتمي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اڃان تائين جاري ٿي ناھي سگھي جڏھن تہ عدالت ۾ وڪيل قربان ھالو پنھنجي ٽيم سان گڏ دليل ڏيندي چيو ته ھي قتل جو معاملو آھي جنھنڪري پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ٿيڻ توڙي پوليس پاران معاملي کي خودڪشي قرار ڏيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏي ٿي، سيشن جج ٺٽو جي عدالت ايندڙ ٻڌڻي 15 جنوري تي مقرر ڪندي ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽي جي سپرينٽينڊنٽ حماد چانڊيو ۽ مقتول قيدي علي بخش ملاح جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ سول اسپتال مڪلي جي ميڊيڪل آفيسر کي روبرو طلب ڪري ورتو آھي، ٻئي طرف وڪيل قربان ھالو چيو آھي ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ سميت مختلف قانوني آپشن موجود آھن