قيدي نمبر 804 بابت گيت ڳائيندڙ قوال جي ضمانت منظور

قيدي نمبر 804 بابت گيت ڳائيندڙ قوال جي ضمانت منظور

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) لاهور جي شالامارباغ ۾ ٿيل ميوزيڪل نائيٽ ۾ اڊيالا جيل ۾ بند قيدي نمبر 804 ( عمران خان) بابت گيت ڳائيندڙ قوال فراز خان 13 جنوري تائين عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، ان موقعي تي  قوال فراز امجد چيو ته جيڪڏهن کيس خبر هجي ها ته قيدي نمبر 804 بابت ڳائڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ته هو ڪڏهن به اهڙو گيت نه ڳائي ها.