قيد ۽ ظلم برداشت ڪيا پر ڏڦيڙ جي سياست نه ڪئي، ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

ڊسمبر 31, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي يوم تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قائداعظم ۽ تحريڪ پاڪستان جي ٻين اڳواڻن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هڪ آزاد ملڪ پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ ميان نواز شريف هميشه اصولن جي سياست ڪندي عوامي ڀلائي کي اوليت ڏني، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ مسلم ليگ ن پنهنجي سياست قربان ڪري قومي معيشت ۽ قومي سلامتي کي اوليت ڏني، باني پاڪستان جي ويزن کي سامهون رکندڙ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته قيد ۽ ظلم برداشت ڪيا پر عوام کي تقسيم ۽ انتشار جي سياست نه ڪئي، هن چيو ته نواز شريف کي سياست مان هٽائڻ جون سازشون ڪيون ويون پر سندس سياسي بصيرت ۽ عوام جي خاطر قرباني جي جذبي کيس قائد بڻايو، الله جي فضل ۽ عوام جي حمايت سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ محنت جاري رکنداسين.

Leave A Comment