لائبريرين ۾ سهولتن جي کوٽ: ڊي سي نوشهرو، اي سي فيض گنج جا وارنٽ

  لائبريرين ۾ سهولتن جي کوٽ: ڊي سي نوشهرو، اي سي فيض گنج جا وارنٽ

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ سکر ڊويزن جي سرڪاري لائبريرين ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مرمت نه ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي سي نوشهروفيروز، اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سکر ڊويزن جي سرڪاري لائبريرين ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ لائبريرين جي مرمت نه ٿيڻ خلاف سهيل لطيف ميمڻ طرفان داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بئنچ درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ بعد مختلف اسسٽنٽ ڪمشنرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سوشل ميڊيا تي فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، آفيس 11 وڳي تائين نٿا اچن، رڪارڊ مٿان ڪرسي رکي ويٺا هوندا آهن، ايئن ڪم ڪرڻ سبب ڳوٺن جي حالت خراب آهي، اتي نه روڊ ۽ نه پڪا رستا آهن، ڇا ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر جو ڪم سوشل ميڊيا تي ويهي پاڻ کي اسسٽنٽ ڪمشنر هئڻ جو ٻڌائڻ رهجي ويو آهي، عدالت لائبريرين ۾ سهولتن جي نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، حيرانگي آهي ته گهوٽڪي لائبريري جو ٺيڪو فوت ٿي ويل کي ڏنو ويو اهو ڪيئن ممڪن آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ صنعتي ادارن جي رائلٽي ڪٿي خرچ ٿئي پئي، ڇا هڪ بااثر کي فارم هائوس ٺاهي ڏنو پيو وڃي، ضلعن جي ٻهراڙين ۾ روڊ رستا ناهن، سهولتن جي کوٽ آهي، تعليم صحت ناهي، جنهن کانپوءِ عدالت ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ ۽ ڊي سي خيرپور کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.