لائيڪس لاءِ اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ برازيلي ماڊل گرفتار

لائيڪس لاءِ اغوا جو ڊرامو رچائيندڙ برازيلي ماڊل گرفتار

مونيڪي تي بليڪ ميلنگ، ۽ رياستي وسيلا ضايع ڪرڻ جهڙا الزام

 برازيليه(ڪلچرل ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيڻ جي ڊوڙ برازيلي گليمر ماڊل مونيڪي فراگا کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو،  پوليس کيس جعلي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو، مونيڪي پاڻ ۽ پنهنجي مڙس کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. رپورٽن موجب اهو واقعو گذريل سال اپريل ۾ پيش آيو، جڏهن مونڪيڪي هڪ جذباتي وڊيو شيئر ڪئي. انهي وڊيو ۾ هوءَ روئي رهي هئي هو  دعويٰ ڪري رهي هئي ته هوءَ ۽ سندس مڙس لُوڪا اِگاراسو پنهنجي گهر کان ٻاهر هئا ته اوچتو هٿياربندن حملو ڪري  کين اغوا ڪري ورتو. هن چيو ته شڪي ماڻهن کين هڪ ٻيلي ۾ وٺي ويا، جتي يرغمال بڻائي ڀنگ طلب ڪيو ويو، پنهنجي وڊيو ۾ مونيڪي چيو ته اغوا ڪندڙن سندس مڙس کي سون جي زنجير لاءِ بي رحمي سان تشدد ڪيو، جڏهن ته کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏني. مونيڪي  دعويٰ ڪئي ته هن ڪيترائي ڪلاڪ ٻيلي ۾ خوف ۾ گذاريا، جتي  سندس زندگي کي سخت خطرو هو. بهرحال پوليس جي جاچ دوران سڄي ڪهاڻي مختلف موڙ ورتو. جاچ آفيسر ڪلي اينڊرسن  مطابق ثبوت مان ظاهر ٿيو ته اغوا اصل ۾ هڪ رٿيل ڊرامو هو، جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا تي شهرت حاصل ڪرڻ ۽ فالوورز وڌائڻ هو. ڪيس جي جاچ لاءِ، پوليس “اسموڪ اسڪرين آف لائڪس” نالي هڪ آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران درجنين آفيسرن ڪارروائي ڪئي،  مختلف هنڌن تي تلاشي ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته مونيڪي کانسواءِ سازش ۾ وڌيڪ ماڻهو شامل هئا. حيرت انگيز طور تي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته مونيڪي جو مڙس لُوڪس سڄي منصوبي کان بي خبر هو. کيس واقعي اغوا ڪري تشدد بعد ڦرلٽ ڪئي وئي، پوليس موجب مونيڪي فريگا تي بليڪ ميلنگ، انصاف ۾ رڪاوٽ ۽ رياستي وسيلن جي ضايع ڪرڻ جهڙا سنگين الزام لڳل آهن