| لاس اينجلس جي عوام محبت ڏني، ميزباني تي ٿورائتا آهيون: ايراني ٽيم |
لاس اينجلس (اسپورٽس نيوز) ايراني فٽبال ٽيم لاس اينجلس ۾ بيلجيم خلاف ميچ کانپوءِ اسٽيڊيم جي لاڪر روم ۾ هٿ سان لکيل هڪ پيغام ڇڏيو، جنهن ۾ آمريڪي ميزائيل حملي جي متاثرن جو حوالو ڏنو ويو هو. ورلڊ ڪپ ۾ ايران جي فٽبال ٽيم جون ميچون ته آمريڪا ۾ ٿي رهيون آهن، پر ان جو بيس ڪيمپ ميڪسيڪو ۾ آهي. ايراني ٽيم نيوزيلينڊ کانپوءِ بيلجيم خلاف به پنهنجي گروپ ميچ لاس اينجلس ۾ کيڏي، جنهن کانپوءِ اسٽيڊيم جي لاڪر روم ۾ هٿ سان لکيل هڪ پيغام ڇڏيو جنهن ۾ آمريڪي ميزائيل حملي جي متاثرن جو حوالو ڏنو ويو هو. ان پيغام ۾ لکيل هو ته: “هزارين سال پراڻي فارس کان وٺي اڄ جي مهذب ايران تائين، ايران جو روح زنده ۽ ثابت قدم آهي. اسان فخر سان لاس اينجلس آياسين، عزت ۽ وقار سان مقابلو ڪيوسين، ۽ سربلنديءَ سان هتان روانو ٿي رهيا آهيون. لاس اينجلس، توهان جي ميزبانيءَ جو شڪريو.
” ايراني ٽيم پيغام ۾ ايراني شائقين جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي سمورين قومن وچ ۾ امن، گڏيل احترام ۽ دوستي کي هٿي ڏيڻ جي اپيل به ڪئي. پيغام ۾ 168 ۽ مناب جا لفظ پڻ شامل هئا.