لاشاري نوجوان جي قتل جو فيصلو، هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ

لاشاري نوجوان جي قتل جو فيصلو، هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ

ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ قتل ٿيل نوجوان انور علي لاشاري جي خون جو فيصلو سردار غلام مصطفا خان لاشاري جي سرپرستي ۾ ٿي ويو، قتل ۾ ملوث جوابدارن مٿان مقتول نوجوان انور لاشاري جي خون جو هڪ ڪروڙ 20 لک ۽ زخمي نوجوان منصب علي لاشاري جو 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ،ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو، ڀٽ شاھ ۾ ڪجهه مهينا اڳ ۾ الله والا چوڪ ڀرسان لاشاري برادري جي نوجوان انور علي لاشاري کي بيدردي سان قتل ۽ سندس ڀاءُ منصب علي لاشاري کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو، جنهن قتل ڪيس ۾ پوليس پاران ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل ڪاشان کوسو، علي حيدر، محمد ڪاظمي ۽ حسان ميمڻ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو جيڪي هن وقت سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ آهن، وارثن پاران لاشاري برادري ڏي ميڙ منٿ قافلا به آندا ويا هئا، جنهن بعد لاشاري برادري جي سردار غلام مصطفا خان لاشاري وٽ ڌريون فيصلي تي راضي ٿيون هيون، حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو فضل وٽ سردار غلام مصطفا خان لاشاري جي سرپرستي ۾ سندس رهائشگاهه تي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪيو ويو ،جنهن ۾ فتوا جاري ڪئي وئي ته جوابدار ڄاڻايل چئني جوابدارن مٿان گڏيل طور تي مقتول نوجوان انور لاشاري جي خون جو 1 ڪروڙ 20 لک ۽ زخمي نوجوان منصب علي لاشاري جو 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ، جيڪو جلد ادا ڪندا، ڌرين فيصلو قبول ڪري کير کنڊ ٿي ويا، فيصلي ۾ پير آف ڀٽ شاهه سيد فيض عباس شاه ،ڊاڪٽر يار محمد کوسو، علي محمد کوسو، حبيب الله کوسو ۽ ٻيا معززين به موجود هئا، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن پاران سردار غلام مصطفا خان لاشاري کي مان ڏيندي 20 لک روپيا معاف ڪيا ويا،