| لافٽر ڪنگ ڪپل شرما ارب پتي بڻجي ويو |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي مزاحيه اداڪار ۽ ميزبان ڪپل شرما ارب پتي بڻجي ويو، ڀارتي پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪپل جي ڪل دولت 300 ڪروڙ هندستاني رپيا(10ارب پاڪستاني) ٻڌائي وڃي ٿي. والد جي وفات کانپوءِ ڪپل ننڍي عمر ۾ ذميواريون سنڀاليون، هن پي سي او ۽ ٽيڪسٽائل ملز ۾ معمولي نوڪريون پڻ ڪيون. ڪپل هن وقت هڪ شو ( رڳو هڪ قسط جا) جا 5 ڪروڙ معاوضو وٺي ٿو، واضح رهي ته ڪپل جي فلم ‘ڪِس ڪِس ڪو پيار ڪرون ‘ 12 ڊسمبر تي رليز ٿي آهي.