لالي ووڊ: اداڪاره رباب هاشم پٽ کي جنم ڏنو

لالي ووڊ: اداڪاره رباب هاشم پٽ کي جنم ڏنو

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره رباب هاشم پٽ کي جنم ڏنو آهي، هن اها خوشخبري سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجن مداحن سان شيئر ڪئي، رباب انسٽاگرام تي پنهنجي خاندان سان گڏ ڪجهه خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي چيو ته هن پنهنجي پٽ جو نالو ‘اورهان صهيب علي’ رکيو آهي. شيئر ڪيل تصويرن ۾ رباب جي ڌيءَ ميشا پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي هنج ۾ کڻي مسڪرائيندي نظر اچي رهي آهي.