| لالي ووڊ: حنا آفريدي ۽ تيمور شادي جي ٻنڌڻن ۾ٻڌجي ويا |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره حنا آفريدي ۽ اداڪار تيمور اڪبر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا، اداڪار جوڙي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، اداڪاره کي شادي جي موقعي تي اڇو لباس پاتل هو، جنهن تي ڳرا سونا زيور نمايان هئا. هڪ وڊيو ۾ حنا آفريدي پنهنجي مڙس تيمور اڪبر کان شادي جي موقعي تي هر مهيني 5 لک رپيا خرچ ۽ هر 6 مهيني بزنس ڪلاس ۾ سفر جي فرمائش ڪري رهي آهي. حنا آفريدي اهو به چيو ته مڙس کي شاپنگ جا سڀ خرچ برداشت ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ مهانگا ڪپڙا به شامل آهن، هوءَ پنهنجي کيسي مان ٽڪو خرچ نه ڪندي، جنهن تي تيمور راضپو ڏيکاريو .