لال چند مالهي جي ام رباب سان ملاقات، لونگي پارائي، جدوجهد جي ساراهه

لال چند مالهي جي ام رباب سان ملاقات، لونگي پارائي، جدوجهد جي ساراهه

ميهڙ (ن پ ا) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر لال چند مالهي ڪراچي ۾ ام رباب چانڊيو سان ملاقات ڪئي، جتي هن ام رباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل کانپوءِ انصاف لاءِ جاري ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو ملاقات دوران لال چند مالھي جنھن ام رباب کي سنڌ جي ثقافتي چادر جو تحفو پڻ پيش ڪيو ان موقعي تي لال چند مالھي جو چوڻ ھيو ته سنڌ ۾ هلندڙ قبائلي ۽ جاگيرداري نظام تعليم، امن ۽ شعور جو سڀ کان وڏو دشمن آهي سرداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ئي سنڌ جي عوام، خاص طور تي مظلوم طبقي ۽ باشعور ماڻهن جي مفاد ۾ آهي لال چند مالھي جنھن ام رباب چانڊيو جي جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته سندس ثابت قدمي ۽ همت سنڌ جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقن کي نئون حوصلو ڏنو آهي جنهن نموني هن طاقتور سردارن آڏو سر نه جهڪايو، اهو قابلِ تعريف آهي ھن چيو ته پي ٽي آءِ هميشه حق ۽ سچ سان گڏ بيٺي آهي ۽ ام رباب جي جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي حمايت ڪندي ان موقعي تي ام رباب چانڊيو پي ٽي آء اڳواڻ لال چند مالھي جو شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته سندس جدوجهد مڪمل طور غير سياسي آهي