لانڍي ايڪسپورٽ زون ۾ ڪپڙا گدام کي باهه: ڪروڙن جو نقصان

 لانڍي ايڪسپورٽ زون ۾ ڪپڙا گدام کي باهه: ڪروڙن جو نقصان

ملير (رپورٽر) ڪورنگي جي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پراڻن ڪپڙن جي گدام کي باهه، ڪروڙن جو نقصان، ان ڏس ۾لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پراڻن ڪپڙن جي گدام چنچل لنڊا ريڪس ڪمپني کي اوچتو باهه لڳي وئي، ڪمپني جي آفيس گرائونڊ پلس 2 فلور تي مشتمل هئي، جنهن کي لڳل باهه وسائڻ لاءِ لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، پورٽ قاسم ۽ شهر جي مختلف علائقن مان فائر برگيڊ گاڏيون ۽ اسنارڪل طلب ڪيون ويون، باهه تي 5 ڪلاڪن بعد ضابطو آندو ويو، ان سلسلي ۾ چيف فائر آفيسر همايون خان ٻڌايو ته 5 ڪلاڪن جي محنت بعد باهه تي ضابطو آندو. بلڊنگ جي ڪجهه حصن ۾ باهه جا شعلا موجود آهن. جن تي ضابطو اچي ويندو، ڪولنگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪن تائين جاري رهندو.