ترقياتي منصوبن ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ مونس الاهي اشتهاري قرار

نومبر 13, 2023

لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، احتساب عدالت مونس الاهي جي ملڪيتن جو ريڪارڊ به طلب ڪري ورتو، نيب پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته مونس الاهي تي ترقياتي منصوبن ۾ ڪِڪ بيڪس وصول ڪرڻ جا الزام آهن، مونس الاهي نه جاچ ۾ شامل ٿيو آهي ۽ نه وري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي استدعا، عدالت مونس الاهي کي روپوش قرار ڏيندي سندس ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني

Leave A Comment