لاهور قلندرز جا بيٽر وري ناڪام: پوري ٽيم 97 رنسن تي ڍير: پشاور زلمي ميچ 76 رنسن تان کٽي اهم ڪاميابي ماڻي ورتي

لاهور قلندرز جا بيٽر وري ناڪام: پوري ٽيم 97 رنسن تي ڍير: پشاور زلمي ميچ 76 رنسن تان کٽي اهم ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي لاهور قلندرز کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 76 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 174 رنز جي هدف جو پيڇو ڪندي 17 اوورن ۾ صرف 97 رنز تي ڍير ٿي وئي. پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 76 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 19 هين ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 174 رنز جو پيڇو ڪندي 17 اوورن ۾ 97 رنز تي ڍير ٿي وئي. قلندرز پاران عبداللہ شفيق ۽ فخر زمان 21، 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. دنٿ ويلالگي 20، سڪندر رضا 14، ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 5، عبيد شاهه 4، حبيب الله خان 3، اسامه مير 1، محمد نعيم 1 ۽ آصف علي 0 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا. زلمي پاران مائيڪل بريسويل ۽ سفيان مقيم 3، 3 جڏهن ته ناهيد رانا 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. عامر جمال ۽ شريف الاسلام 1، 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنز ٺاهيون. ڪوشال مينڊس 74 ۽ ڪپتان بابر اعظم 43 رنز ٺاهي نمايان رهيا. مائيڪل بريسويل 21، محمد حارث 18، عبدالصمد ۽ فرحان يوسف 2، 2 جڏهن ته عامر جمال بنا ڪنهن رن جي آئوٽ ٿيو. لاهور قلندرز پاران شاهين آفريدي 3، مستفيض الرحمان 2 جڏهن ته عبيد شاهه ۽ اسامه مير هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.