| لاهور قلندرز پاران زخمي پرويز حسين ايمان جي متبادل طور چارٿ اسالنڪا کي شامل ڪرڻ جو اعلان |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 11 جي دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز، پرويز حسين ايمون جي متبادل طور سري لنڪا جي بيٽنگ آل رائونڊر چارٿ اسالنڪا سان معاهدو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 28 سالن جو اسالنڪا بنگلاديشي وڪيٽ ڪيپر بيٽر پرويز حسين ايمون جي جڳهه وٺندو. اسالنڪا کٻي هٿ جو بيٽر آهي ۽ آف اسپن بالنگ پڻ ڪندو آهي. هو سري لنڪا جي سمورن فارميٽس ۾ نمائندگي ڪري چڪو آهي. اميد آهي ته سندس شموليت سان لاهور قلندرز جو مڊل آرڊر وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ياد رهي ته پرويز حسين ايمون ملتان سلطانز خلاف ميچ دوران آصف علي سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلهي جي زخم جو شڪار ٿيو هو. اسالنڪا جي 17 اپريل تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ ۾ شرڪت متوقع آهي.