لاهور(م ڊ) ڪراچي ڪنگز جو سفر ختم ٿي ويو، لاهور جون پلي آف لاءِ اميدون برقرار آهن، لاهور قلندرز پشاور کي هارائي اهم پوائنٽون حاصل ڪري ورتيون. قذافي اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي پهرين بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون، پشاور جو 200رنسن جو هدف لاهور آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. فخر زمان 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي ريت لاهور قلندرز 10 پوائنٽن سان ڇوٿين نمبر تي موجود آهي.