لاهور قلندرز کي وڏو ڌچڪو، پرويز حسين زخمي، ٽورنامينٽ مان ٻاهر

لاهور قلندرز کي وڏو ڌچڪو، پرويز حسين زخمي، ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ٽيم لاهور قلندرز کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي ۽ اهم پرڏيهي بيٽر پرويز حسين ايمان زخمي ٿيڻ سبب ٽورنامنٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. لاهور قلندرز جي ترجمان بنگلاديش سان تعلق رکندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر جي ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پرويز حسين ڪلهي جي زخم سبب ليگ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. هو ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ آصف علي سان ٽڪرائڻ سبب ان فٽ ٿي ويو هو. پرويز حسين جي ايم آر آئي اسڪين ۾ ليگامينٽ ٽيئر جي تصديق ٿي آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.