لاهور قلندر ۽ پشاور زلمي جو پي ايس ايل سان 10 سالن جو معاهدو

لاهور قلندر ۽ پشاور زلمي جو پي ايس ايل سان 10 سالن جو معاهدو

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سان پنهنجا معاهدا وڌيڪ 10 سالن لاءِ رينيو ڪيا آهن. لاهور قلندرز اي وائي جي ويليوئيشن کان پوءِ پنهنجا معاهدا رينيو ڪيا. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته لاهور قلندرز پاران معاهدو رينيو ڪرڻ پي ايس ايل تي اعتماد جو ثبوت آهي، لاهور قلندرز جي مالڪن پنهنجي فرنچائز کي عالمي برانڊ بڻايو آهي. سي اي او پي ايس ايل سلمان نصير جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال 11 هين ايڊيشن کان پي ايس ايل 8 ٽيمن تائين وڌي ويندو. پشاور زلمي پڻ 10 سالن لاءِ پنهنجو معاهدو ريينيو ڪيو. ايندڙ ڏهاڪي تائين پشاور زلمي جي ملڪيت موجوده مالڪن وٽ رهندي.