| لاهور هاءِ ڪورٽ بينچ پاران حسان نيازي جو ڪورٽ مارشل ٻڌڻ کان معذرت |
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ حسان نيازي جي ملٽري ڪسٽڊي، ملٽري ڪورٽ جي سموري ڪارروائي ۽ ڪورٽ مارشل جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي. عدالت فائل واپس چيف جسٽس ڏانهن اماڻيندي ڪنهن ٻئي بينچ ۾ لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. درخواستگذار جو وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو، جسٽس فاروق حيدر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ حسان نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 9 مئي ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ سويلين عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، سرور روڊ ٿاڻي جي پوليس منهنجي ڪسٽڊي ملٽري کي ڏئي ڇڏي، ڪنهن عدالتي حڪم جي باوجود غيرقانوني طور تي مون کي ملٽري جي حوالي ڪيو ويو. استدعا ڪئي وئي ته منهنجي ملٽري ڪسٽڊي ۾ وٺڻ جو ڪمانڊنگ آفيسر جو 17 آگسٽ 2023 جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. مون کي ملٽري ڪسٽڊي ۾ ڏيڻ، ملٽري ڪورٽ جي سموري ڪارروائي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جيل مان آزاد ڪرڻ يا دهشتگردي جي انت واري عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي.