لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شيخ رشيد جي درخواست منظور ڪندي لال حويلي کي کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

آڪٽوبر 30, 2023

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شيخ رشيد جي درخواست منظور ڪندي لال حويلي کي کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واڳيل بورڊ کي ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو حڪم، جسٽس مرزا وقاص رمارڪس ۾ چيو ته ڀارت ۾ قانون ٺاهي اويڪيو پراپرٽيز جو معاملو هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو، اسان وٽ کاتا قانون موجب نه پيا هلن، جڏهن مرضي پوي ٿي سرگرم ٿي وڃن ٿا

شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون جيڪو چلو ڪٽيو ان مون کي نئون شيخ رشيد بڻائي ڇڏيو آهي

اسان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان نسلي ۽ اصلي آهيون، سڀ الله تي ڇڏيون ٿا، اڄ الله مدد ڪئي ۽ لال حويلي ٻيهر کلي وئي

Leave A Comment