| لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس طارق محمود مستقل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري ۽ لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو. جوڊيشل ڪميشن جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس طارق محمود باجوه کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10 نون ايڊيشنل ججن جي مقرري جي پڻ سفارش ڪئي وئي.لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ ايڊيشنل ججن طور عامر اعجاز ملڪ، اسد علي باجوه ۽ بئريسٽر عثمان غني چيمه سميت ٻين نالن جي سفارش ڪئي وئي. نامزد ڪيل ٻين ايڊيشنل ججن ۾ غلام سرور نهنگ، خالد ابن عزيز، محمد اجمل خان زاهد، محمد امجد پرويز، منور اقبال دوگل، شيرين عمران ۽ سيد فرهاد علي شامل آهن. جوڊيشل ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ لاءِ به ٽن نون ايڊيشنل ججن جي مقرري جي سفارش ڪئي، جڏهن ته ٻه نشستون خالي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ لاءِ الله داد روشن، محمد رؤف عطا ۽ عبدالقيوم لهڙي کي ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اجلاس دوران جوڊيشل ڪميشن ججز مقرري رولز 2024ع ۾ ترميمن بابت پڻ غور ڪيو ويو. ان حوالي سان تجويزون سمورن ميمبرن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.