| لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10، پشاور 4، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ وڌيڪ 3-3 نوان جج مقرر: صدر منظوري ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقررين بابت سمورين سمريز تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 10، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 3، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 4 ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 3 اضافي ججن جي مقرري ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي ججن حلف کڻي ورتو. صدر آصف علي زرداري ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽن ۾ نون ججن جي مقررين، مستقل ججن جي توثيق ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي مراعتن کي وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ بابت سمورين سمريز تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت طرفان اسلام آباد، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اضافي ججن اياز شوڪت، عمير مجيد ملڪ ۽ شاهه رخ ارجمند حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ٽنهي ججن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن، بار جي نمائندن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ ججن ۾ غلام سرور، محمد اجمل خان زاهد، عامر عجم ملڪ، شيرين عمران، اسد علي باجوه، محمد امجد پرويز، خالد ابن عزيز، منور اقبال دگل، سيد فرهاد علي شاهه ۽ محمد عثمان غني شامل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ محمد همايون خان، سريش ڪمار ۽ شاهنواز ميمڻ کي اضافي جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس خالد حسين شاهاني جي اضافي جج طور مدي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ پڻ ڪئي وئي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ جسٽس فرح جمشيد، جسٽس انعام الله خان، جسٽس ثابت الله خان ۽ جسٽس اورنگزيب کي اضافي جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ محمد رؤف عطا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج الله داد روشن ۽ عبدالقيوم لهڙي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب اضافي ججن جي مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن، الائونسز ۽ پينشن کي وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ جي باضابطه منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي.