| لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور ٽنڊو آدم ۾ قتل، هٿ پير ٻڌل ۽ مڻڪو ڀڳل لاش هٿ |
ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور جو ٽنڊو آدم ۾ هٿ پير ٻڌل ۽ ڪنڌ ڀڳل لاش هٿ، ڪيس ۾ 3 عورتون، سهرو ۽ ناٺي سميت 8 ڄڻا نامزد، سهرو ۽ ناٺي گرفتار. تفصيل موجب لاهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور 30 ورهين جي فياض مسيح جو ٽنڊي آدم جي ماڊل ٽائون ۾ جوابدارن پاران مسواڙ تي ورتل گهر مان ھٿ پير ٻڌل ۽ ڪنڌ ڀڳل لاش مليو، جوابدارن جي نشاندهي تي لاهور پوليس جي اي ايس آءِ ميان نعيم ۽ اي ايس آءِ اخلاق احمد جي نگراني هيٺ کوٽائي بعد لاش ڪڍي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا پوليس موجب مقتول مقتول جا هٿ ۽ پير ٻڌل هئا جڏهن ته ڪنڌ پڻ ڀڳل هو . لاهور پوليس جي انچارج اي ايس آءِ ميان نعيم ٻڌايو ته لاهور ۾ ڀاڙي تي ڪار هلائيندڙ مالڪ مشتاق ناصر بغير قانوني ڪاروائي جي ڪار واپس ڪاهي آيو ۽ مقتول ڊرائيور جي اچڻ جا وارثن کي رڳو آسرا ڏيندو رهيو، ڪافي وقت گذرڻ بعد مڙس گهر نه پھچڻ تي ڊرائيور فياض جي زال نائلا مسيح رينٽ اي ڪار جي مالڪ مشتاق ناصر خلاف مڙس جي گم ٿيڻ جي اين سي ڪٽرائي، جنهن بعد لاهور جي نشتر ٿاڻي تي 28 فيبروري تي 8 ڄڻن لاهور جي سمن آباد واسي سيد حسنين شاھه، سندس پٽ سيد شان امام سميت سيد گوهر علي جي ٽن ڌيئرن سيده رباب گوهر، سيده پارس گوهر ۽ علينه گوهر، ساهيوال واسي محمد عمر طارق، ٽنڊو آدم واسي ڊاڪٽر عابد رسول هاشمي ۽ زين العابدين کي ڪيس ۾ نامز ڪيو ويو، جن جا لاهور پوليس پاران گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن لاهور واسي شان امام پٽ سيد حسنين شاھه ۽ ٽنڊي آدم واسي ڏندن جي ڊاڪٽر عابد رسول هاشمي کي گرفتار ڪيو. جوابدارن جي نشاندهي تي ڊرائيور جو لاش هٿ ڪيو ويو. ڊرائيور فياض جي سئوٽ رفيق ٻڌايو ته هو ڊرائيوري ڪندو هو، اڍائي مهينا اڳ شان امام کي کڻي ٽنڊو آدم آيو، جنهن بعد گم ٿي ويو هو، ڪار مالڪ رڳو آسرا ڏنا پر سئوٽ واپس نه پهتو، نائلا مڙس جي گمشدگي جي رپورٽ درج ڪرائي جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪئي ۽ ڪار ڪرائي تي ڪاهي ايندڙ شان امام ۽ سندس سهري کي گرفتار ڪيو جن جي اعتراف ۽ نشاندهي تي لاش هٿ آيو، منهنجي سئوٽ کي بيدردي سان ھٿ پير ٻڌي قتل ڪيو ويو، اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، ڊرائيوري ڪري گهر هلائيندو هو، کيس 2 معصوم نياڻين جو اولاد آھي، هن گهر ڪئي ته جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.