لاهور واپاري يا کلاڙي جو ناهي، پڇيو وڃي ٿو ڇو آيا آهيو؟ ضياءَ جي ٿاڦيل کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 8, 2024

لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين.لاهور ۾ اليڪشن آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور نه ڪنهن بزنس مين جو آهي ۽ نه ڪنهن رانديگر جو پر لاهور ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي.هن چيو ته جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهو اسان کان پڇن ٿا ته اسان هتي ڇو آيا آهيون؟ لاهور ۾ انهن جو مقابلو ڪنداسين، انهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين.سندس چوڻ هو ته اسان چونڊن لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن نه پر عوام ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، اسان مفت علاج جي سهولت ڏينداسين ۽ لاهور وارن کي لنڊن نه وڃڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي عوام تير تي ٺپو هڻي پراڻي سياست ۽ پراڻن سياستدانن کي خدا حافظ چوندو، پاڪستان جو عوام ووٽ ذريعي نوجوان قيادت چونڊيندو. مون کي پنهنجي شهر لاهور ۾ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته مان پنهنجي شهر لاهور مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان. اسان کي نه ڪنهن پٽواري جي ضرورت آهي نه ئي ڪنهن ٻئي جي. مون کي صرف عوام جو ساٿ گهرجي. اسان هن شهر ۾ سياست صرف پ پ جي جيالن جي ڪري ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو مقابلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان آهي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي. لاهور ۾ وڏيون اسپتالون ٺاهينداسين ته جيئن ڪنهن کي به علاج جي لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پوي. ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏينداسين. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي ختم ڪنداسين،  پنجاب جي هر ضلعي ۾ مفت علاج جا ادارا ٺاهينداسين عوام کي گهرن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي. 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏينداسين پگهار ڊبل ڪنداسين. هن چيو ته اسان مزدورن ۽ هارين کي ڪارڊز ڏينداسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪرڻو آهي. رب پاڪ موقعو ڏنو ته 30 لک پاڪستانين کي پڪا گهر ٺاهي ڏينداسين. مشڪل معاشي حالتن ۾ اسان کي بک کي ختم ڪرڻو آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نفرت جي سياست کان علاوه هڪ ئي آپشن آهي ۽ اهو پيپلز پارٽي آهي. جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪارڪن ملي جدوجهد ڪندا  ته اسان لاهور پاڪستان جي قسمت تبديل ڪنداسين ڇا هن ملڪ جي قسمت ۾ لکيل آهي ته اسان کي هڪ ئي ماڻهو کي وزيراعظم بنائڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي عوام تير تي ٺپو هڻي نوجوان قيادتن کي اڳيان آڻي. پ پ جي منشور ۾ سمورن مسئلن جو حل آهي. اوهان سڀ منهنجا سفير بڻجي گهر گهر وڃو. جڏهن اوهان سڀ گهر گهر وڃي عوام کي ٻڌائيندو ته پ پ جي حڪومت هوندي ته غربت جو خاتمو ٿيندو ۽ روزگار ملندو. انشاءَالله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ملڪ جي عوام جي قسمت تبديل ٿيندي.

Leave A Comment