لاهور ۽ اسلام آباد بيڊمنٽن ٽيمون انٽرورسٽي چيمپئن شپ جي فائنل ۾ پهتيون

لاهور ۽ اسلام آباد بيڊمنٽن ٽيمون انٽرورسٽي چيمپئن شپ جي فائنل ۾ پهتيون

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ “پاڪستان انٽر بورڊ گرلس بيڊمينٽن چيمپين شپ 2025” جا مقابلا آفيسرس ڪلب جي بيڊمينٽن گرائونڊ تي جاري آهن. ٻئي ڏينهن به لاهور بورڊ ۽ اسلام آباد فيڊريل بورڊ جون ٽيمون پنهنجيون ميچون کٽي فائنل ۾ پهچي ويون. اڄ فائنل ٿيندو. پهرين ميچ ۾ شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊ جي ٽيم لاڙڪاڻو بورڊ جي ٽيم کي 2_0 تان شڪست ڏني. ٻي ميچ ۾ مردان بورڊ جي ٽيم مالا ڪنڊ بورڊ کي 2_0 تان شڪست ڏني. ٽين ميچ ۾ لاهور بورڊ سکر بورڊ کي 2_0 تان شڪست ڏني، چوٿين ميچ ۾ اسلام آباد شهيد بينظير آباد کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي. پبنجين ميچ ۾ لاهور جي ٽيم مردان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ داخل ٿي. امپائرنگ جون ذميواريون نيلم کوکر، خادم حسين گوپانگ، مسرت علي ميمڻ ادا ڪيون.