لاهور ۾ تازو ڄاول ٻار جيئرو دفنائڻ جي ڪوشش، 3 جوابدار گرفتار

لاهور ۾ تازو ڄاول ٻار جيئرو دفنائڻ جي ڪوشش، 3 جوابدار گرفتار

لاهور (م ڊ) لاهور پوليس تازي ڄاول ٻار کي جيئري دفنائڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ مرد ۽ ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، افسوسناڪ واقعو لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ پيش آيو، جتي هڪ تازي ڄاول ٻار کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.ڊي آءِ جي آپريشنز جي ترجمان موجب، وقتائتي ڪارروائي ڪندي پوليس جوابدارن کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو زمين ۾ کڏ کوٽي تازي ڄاول ٻار کي دفن ڪري رهيا هئا. ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون شامل آهن. واقعي جي سڀني رخن کان شفاف ۽ ميرٽ تي جاچ جاري آهي.