لاهور ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حملي ۾ قتل

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حملي ۾ قتل

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عبدالله طارق قتل ٿي ويو. ذريعن موجب ٻن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن عبدالله طارق تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو،  گلبرگ ۾ فزيو ٿراپيءَ لاءِ آيو هو، ڪلينڪ اندر کيس گوليون هنيون ويون، مقتول تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي اوڪاڙه مان ايم پي اي جو اميدوار هو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي،  سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي قاتلن جي سڃاڻپ ٿي وئي، گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.