لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) لاهور ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي، 6 ٻارن ۽ 3 عورتن سوڌو 10 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا
لاهور جي علائقي ڀائي گيٽ ۾ گھر کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جن ۾ سائره بانو، فرزانه، امبر، غزل فاطمه، عادل حسين ۽ 7 مهينن جو علمدار شامل آهن
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته سڙي فوت ٿيندڙن ۾ 6 ٻار، 3 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن، ريسڪيو 1122 باهه تي قابو آڻي ورتو، ڪولنگ جو عمل جاري آهي
فرج جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، انهي دوران صرف هڪ نوجوان ڇت تان ٽپو ڏئي جان بچائي باقي ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا
ريسڪيو عملدارن موجب گھر کي بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ جي ڪري باهه وڪوڙي وئي جڏهن ته پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقويءَ پاران گھر ۾ باهه لڳڻ سبب 10ڄڻن جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي