لاهور  ۾ 3 ڏينهن بسنت ملهائڻ جي اجازت، موٽرسائيڪل هلائڻ تي پابندي

لاهور  ۾ 3 ڏينهن بسنت ملهائڻ جي اجازت، موٽرسائيڪل هلائڻ تي پابندي

لاهور (م ڊ) سڌ سماءَ واري صوبائي  وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته رڳو ٽن ڏينهن لاءِ لاهور ۾ بسنت ملهائڻ جي اجازت هوندي، جاري بيان ۾ هن چيو ته خاص  پوائنٽس تي لغڙ ۽ ڍيرو ملي سگهندو، هرهنڌ اها سهولت نه هوندي، ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ وارن کان پلان گهريو آهي، صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهن ٽن ڏينهن ۾ موٽرسائيڪل هلائڻ جي اجازت  نه  هوندي، جيڪي ماڻهو رولز تي عمل نه ڪندا انهن لاءِ سخت سزا آهي، ڪوشش هوندي ته ايندڙ سال پوري پنجاب ۾ بسنت ملهايون، هي هڪ فيسٽيول آهي جنهن کي فيسٽيول جيان ملهائڻو آهي، موڪل  وارو فيصلو به جلد ٿي ويندو.