| لاپتا ماڻهو آئيني عدالت بازياب ڪرائيندي. سرڪاري وڪيلن لاءِ دفاع ڪرڻ ڏکيو آهي: جسٽس محسن |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا شهري عمر عبدالله جي بازيابي بابت ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي آئيني عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي معطل ٿي وئي آهي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ ڪياني عدالت کي آگاهه ڪيو ته وفاقي آئيني عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي آئيني عدالت موجب هاءِ ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي اهو غلط آهي، وفاقي آئيني عدالت لکيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ جيڪو آرڊر ڪيو آهي اهو به غلط آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ ملڪ ۾ لاپتا ماڻهن جي بازيابي نه ٿي سگهندي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته وفاقي آئيني عدالت نوٽيس جاري ڪيو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن عدالت جي ڪاروائي معطل ٿي وئي آهي آرڊر جاري ٿي ويو آهي. هاڻي اوهان کي وفاقي آئيني عدالت وڃي اتي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. وفاقي آئيني عدالت مطابق مسنگ پرسنز کي بازياب ڪرائڻ هاءِ ڪورٽ جو اختيار ناهي، هاڻي وفاقي آئيني عدالت مسنگ پرسنز کي بازياب ڪرائيندي. هن عدالت کي وفاقي آئيني عدالت جي خيالن جو احترام ڪرڻو پوندو. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته حامد مير هڪ آرٽيڪل لکيو پوڙهي بلوچ جي نصيحت مون اهو پڙهيو هو. آرٽيڪل ۾ اسد مينگل جي ڀاءُ جو حوالو آھي. جيڪو مسنگ ٿيو ۽ ان کي ڀاءُ جو لاش به نه مليو. جنهن جي فوتگي ٿي وڃي ته صبر اچي ويندو آهي، پر هي واحد موت تائين انتظار ۾ رهيو ته پٽ فوت ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهجي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ڪيو هو ته ادارن کان پڇيو ته انهن چيو دفنائي ڇڏيو آهي. ادارن پٽ کي دفنائي ڇڏيو پر والد کي به ٻڌايو ويو. بدقسمتي سان هي سڀ تاريخ جو حصو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ئي آخري اميد هوندي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هن ڪيس کي 10 سال ٿي ويا آهن. رياستي ادارا اڄ تائين ناهن ٻڌائي سگهيا ته پوءِ خبر نه پئجي سگهندي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مان ان ۾ ڪجهه به نٿو چئي سگهان. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان نه ڪري به سڀ ڪجھ چئي ڇڏيو آهي. سرڪاري وڪيلن لاءِ به مسنگ پرسز جي ڪيس جو دفاع ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي. جيڪو دهشتگرد آهي ان خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪريو پر 10، 10 سال گم رکڻ جو حل ناهي. مان آرٽيڪل جو آخري حصو نٿو پڙها اوهان پاڻ پڙهجو. باقي ماڻهن کي به پڙهڻ لاءِ ڏجو. شايد اهو پڙهي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.