لاڙڪاڻو: بندوق جو فائر لڳڻ سبب نينگري مارجي وئي
جُون 23, 2025
لاڙڪاڻو (پنهنجي ڊيسڪ )لاڙڪاڻي ۾ پراسرار نموني بندوق جو فائر لڳڻ سبب نينگري مارجي وئي، لاڙڪاڻي جي لُهر ڪالوني ۾ پراسرار نموني بندوق جو فائر لڳڻ 14ورهين جي طيبه ڌيءَ شاهد حسين موهل زخمي ٿي پئي، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ان موقعي تي نينگري جي وارثن جو چوڻ هو ته گهر اندر سيف ۾ رپيٽر پيو هو، اتفاقي فائر لڳڻ سبب طيبه موهل زخمي ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو،جڏهن ته نينگري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .