لاڙڪاڻو بورڊ جا يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان شروع، ڪيمسٽري جو پيپر آئوٽ، ڪاپي جي ڌم متل

لاڙڪاڻو بورڊ جا يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان شروع، ڪيمسٽري جو پيپر آئوٽ، ڪاپي جي ڌم متل

لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ هيٺ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان شروع ٿي ويا آهن جنهن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي سان ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 97 هزار 291 شاگرد حصو وٺي رهيا آهن جن لاءِ مجموعي طور 135 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته امتحانن دوران ڪاپي کي روڪڻ لاءِ تعليمي بورڊ طرفان مجموعي طور تي 27 وجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، تعليمي بورڊ جون 15 ۽ تعليم کاتي جون 12 ٽيمون شامل آهن. ڪالهه پهرين ڏينهن يارهين جماعت جي ڪيمسٽري جو پرچو ورتو ويو جتي امتحاني وقت شروع ٿيڻ شرط سواليه پيپر آئوٽ ٿي ويو، امتحاني سينٽرن ۾ انويجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ موبائيل فون، واٽس ايپ گروپ ۽ گائيڊن جي ذريعي شاگرد ڪاپي ڪندي نظر آيا.تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو سان گڏجي شهر جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻو سميت ٻين امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري امتحانن جو جائزو ورتو. 50 کان وڌيڪ موبائيل فونون ۽ ڪيترن ئي ڪاپي ڪيس ڪري شاگردن کي امتحاني سينٽرن مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. هوڏانهن قمبر ۾ به  يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحان ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، شاهه عبداللطيف ڊگري سائنس ڪاليج ۾ يارهين جماعت جو ڪيمسٽري جو پيپر ٿيو.