لاڙڪاڻو: بينظير ڀٽو ورسٽي ۾ ڪانووڪيشن، 230 ڊگريون ڏنيون ويون
ڊسمبر 8, 2024
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي ڇھون ڪانووڪيشن مک آريجا ڪئمپس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ خاص مھمان وائيس چانسلر بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر پروفيسر ڊاڪٽر تھمينا ناگراج، وائيس چانسلر دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو پروفيسر عثمان ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪانووڪيشن ۾ 230 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون ۽ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي 23 ميڊل ڏنا ويا جن مان صرف 2 ميڊل شاگردن حاصل ڪيا، جڏهن ته 21 ميڊل شاگردياڻيون کڻي ويون، اهڙي طرح يونيورسٽيءَ طرفان ايم بي بي ايس ۾ مجموعي طور بھتر ڪارڪردگي تي بيسٽ گريجوئيٽ جي اعزاز حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر ساڪشي بجاج، ڊاڪٽر ارم مرتضيٰ، ڊاڪٽر ثنا نور کي سونا ٻلا ڏنا ويا. بئچ 47 چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان ترتيبوار پھرين ٻي ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙن مان ڊاڪٽر ساڪشي بجاج، ڊاڪٽر ارم مرتضيٰ ۽ ڊاڪٽر ثناءَ انور ميڊل حاصل ڪيا. بئچ 16 غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر مان ڊاڪٽر تسليم نواز پھرين، ڊاڪٽر وينتي ٻي ۽ ڊاڪٽر اقصيٰ ٽين پوزيشن ماڻي ميڊل حاصل ڪيا، بئچ 9 بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڊاڪٽر ننديتا پھرين، ڊاڪتر جويريه پروين ٻي ۽ ڊاڪٽر اريڪا ٽين پوزيشن ماڻي ميڊل حاصل ڪيا. بئچ 2 انسٽيٽيوٽ آف فارميسي مان ڊاڪٽر رفيعه حبيب پھرين، ڊاڪٽر ردا فاطمه ٻي ۽ پرٿنا راني ٽين پوزيشن ماڻي ميڊل حاصل ڪيا. بينظير نرسنگ ڪاليج جي بي ايس اين جينرڪ بئچ 3 مان طاھرہ پھرين، بشريٰ اسلم ۽ صباحت پرويز گڏيل طور پڻ ٻي ۽ زاھدہ پروين ٽين پوزيشن ماڻي ميڊل حاصل ڪيا.