لاڙڪاڻو: تعليم کاتي ۾ بنا منظوري فوتي ڪوٽا جا آرڊر ڏيڻ جو انڪشاف

آڪٽوبر 9, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي ۾ چيف سيڪريٽري جي بغير منظوري ۽ بغير ڊي آر سي جي فوتي ڪوٽا جا آرڊر جاري ٿيڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولس ايجوڪيشن کي خط اماڻي ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪري ورتي

 تفصيل موجب لاڙڪاڻو تعليم کاتي ۾ مبينا طور ڳجهه ڳوهه ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري ۽ بنا ڊي آر سي جي فوتي ڪوٽا جي اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 ان حوالي سان اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري انچارج اسپيشل سيل جي صحيح سان ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري لاڙڪاڻو گلشير سومرو کي ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي

 ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو طرفان مجاز اختيارين يعني اسڪروٽني ڪاميٽي جي چيئرمين چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوريءَ کان سواءِ فوتي ڪوٽا تحت پٽيشنر راشد علي ولد مرحوم سڄڻ جوڳي کي چوڪيداري جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪيس ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪاميٽي اڳيان به پيش نه ڪيو ويو آهي

 ان معاملي ۾ توهان کي اصلاحي قدم کڻڻ گهرجي ها، تنهن ڪري اهڙي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي توهان کي هدايت ٿي ڪجي ته 3 ڏينهن اندر پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندا، ٻي صورت ڇو نه توهان خلاف نظم و ضبط جي ڪاروائي شروع ڪئي وڃي

 ٻئي طرف ڊائريڪٽر اسڪولس گلشير سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته راشد جوڳي فوتي ڪوٽا جي نوڪري لاءِ 2014 ۾ اهڙي درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي، 2018 ۾ عدالت راشد جوڳي کي آرڊر ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو

 هن وڌيڪ چيو ته رهيل فارملٽيز تعليم کاتي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايون وينديون

Leave A Comment